مير امام بخش خان ٽالپر

مير امام بخش خان ٽالپر: خيرپور جو امام بخش خان ٽالپر ، 7 جمادي الثاني 1277هه بمطابق 1860ع تي ڄائو . والد جي وفات کان ٻئي ڏينهن 6 مارچ 1909ع ۾ کيس برادريءَ جي طرفان پڳ ٻڌرائي وئي ۽ پهرين جولاءِ 1909ع تي باقاعدي سندس تاجپوشيءَ جو جشن ملهايو ويو . هن به پيءُ وانگر پاڻ کي آئيني سربراهه جي حيثيت تائين محدود رکيو ۽ حڪومت جو انتظام وزير جي حوالي ڪيو . سندس وزير شيخ صادق علي خان هڪ وڏو بيدار مغز ، ايماندار ، خداپرست ۽ خلق جو خير خواهه هو ۽ تعليمي ڪمن جي ترقيءَ لاءِ گھڻي ڪوشش ڪندو هو . رياست جي لائبرري ۽ جيمخانو سندس يادگار آهن . شيخ صادق علي خان 1912ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي محمد ابراهيم خان وزير ٿيو . وزير محمد ابراهيم خان پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ گھڻا سڌارا ڪيا . شهر ۾ نوان رستا ، عمارتون ۽ مسجدون ٺهرايائين . هنري اسڪول ۾ لوهه جو عاليشان ڪارخانو جاري ڪيائين . ڪيتريون ئي مهاڙيون صاف ڪرائي ، زمين آباديءَ هيٺ آندائين . پراڻي انگريزي اسڪول کي هائي اسڪول بنايائين . خيرپور جي زناني اسپتال ۽ پاور هائوس به سندس يادگار آهن . هن جي ڏينهن ۾ پهرئين مهاڀاري لڙائي لڳي ، جنهن ۾ انگريزن کي خيرپور مان تمام گھڻي امداد ملي ، جنهن جي سلي ۾ مير امام بخش خان کي جنوري 1918ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جو اعزازي عهدو مليو . سن 1919ع ۾ خيرپور شهر ۾ ” آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس “ جو اجلاس ڪرايائين ، جنهن ۾ سڄي هندستان جا تعليمي ماهر ۽ اديب ڪٺا ٿيا . سن 1920ع ۾ مير صاحب پنهنجي ولي عهد مير علي نواز تي ناراض ٿيو ، تنهنڪري صاحبزادو دهليءَ ڏانهن هليو ويو . مير صاحب سندس جاگير ضبط ڪري ڇڏي . نيٺ جڏهن محمد ابراهيم خان وزير استعيفيٰ ڏئي هليو ويو ۽ ان جي جاءِ تي شيخ محمد قادر خان آيو ، تڏهن ولي عهد موٽي اچي پنهنجي پيءُ کي پرچايو . مير امام بخش خان فيض وارو ۽ علم دوست حاڪم ٿي گذريو آهي . هن ڪراچيءَ کان وٺي ڪلڪتي تائين ڪيترن ئي ادارن کي امداد ڏني . کيس شڪار جو به گھڻو شوق هوندو هو . هو حد درجي جو ڪفايت شعار ، پورالو ۽ ڪرڙو حاڪم هو . هن کان اڳ ڇيڙ ۾ في ماڻهوءَ کي ٻه آنا ڏنا ويندا هئا ، پر هن جي ڏينهن ۾ ڇيڙ جي مزدوري في ماڻهو چار آنا ڪئي وئي . اڳي ميرن جي شادي ، غميءَ ۽ ٻين تقريبن تي ديڳيون ۽ کٽولا راڄ ڀاڳ کان ورتا ويندا هئا ، پر امام بخش خان اهو رواج بند ڪري ، هڪ سؤ ديڳيون ۽ ڪافي کٽولا خريد ڪرائي توشا خاني ۾ رکرايا . مير صاحب تاريخ 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي ۽ سندس لاش ڪربلا معليٰ ڏانهن موڪليو ويو . کيس علي نواز خان ، علي محمد خان ۽ غلام علي خان نالي ٽي فرزند ٿيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1860.00.00  عيسوي

امام بخش خان ٽالپر 7 جمادي الثاني 1277هه بمطابق 1860ع تي ڄائو


1921.02.08  عيسوي

امام بخش خان ٽالپر تاريخ 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
الهڏنو فقير ماڇي
پوراني ميرڪ سيد عبدالوهاب ٺٽوي
حڪيم حبيب الله بکري
امام بخش صابر
اي بي آڏواڻي
عثمان عباسي مخدوم
باقر سنائي
شڪيل
چراغ شاه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون